گڏيل قومون -17 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان ۾ يو اين معاون مشن ( يو اين اي ايم اي ) جي مدي ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل متفقه طور قرارداد 2818 سال 2026 منظور ڪندي يوناما جي مينڊيٽ کي 17 جون تائين وڌائي ڇڏيو. ڪائونسل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي به اها درخواست ڪئي آهي …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران افغانستان ۾ معاون مشن جي مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ

مزید خبریں
گڏيل قومون -17 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان ۾ يو اين معاون مشن ( يو اين اي ايم اي ) جي مدي ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل متفقه طور قرارداد 2818 سال 2026 منظور ڪندي يوناما جي مينڊيٽ کي 17 جون تائين وڌائي ڇڏيو. ڪائونسل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي به اها درخواست ڪئي آهي ته هو جلد يوناما لاءِ نئون خصوصي نمائندو ۽ مشن جو سربراهه مقرر ڪري. يوناما هڪ خصوصي سياسي مشن آهي جيڪو افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ قائم ڪيو ويو هيو. اهو مشن مارچ 2002 ۾ سلامتي ڪائونسل ترتيب ڏنو هيو ۽ ان جي مينڊيٽ جو هر سال جائزو ورتو ويندو آهي. چين جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي فوڪونگ ووٽنگ جي وضاحت ڪندي چيو ته سلامتي ڪائونسل جا ڪجهه ميمبر يوناما جي مينڊيٽ ۾ مناسب تبديليون چاهين ٿا، ان ڪري ڪائونسل وڌيڪ غور لاءِ ان جو مدو ٽن مهينن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










