اسرائيل ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو: آمريڪا

واشنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اسرائيل ايران خلاف ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسرائيل ايئن نه ڪندو، هو ڪڏهن به ايئن نه ڪندو. هن اسرائيل پاران ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي امڪان کي رد ڪيو. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن وائيٽ هائوس جي ٽيڪنالاجي …

واشنگٽن -17 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اسرائيل ايران خلاف ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسرائيل ايئن نه ڪندو، هو ڪڏهن به ايئن نه ڪندو. هن اسرائيل پاران ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي امڪان کي رد ڪيو. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن وائيٽ هائوس جي ٽيڪنالاجي مشير ڊيوڊ اوليور سيڪس هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو هو ته آمريڪا اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي صورت ۾ اسرائيل ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿو. ڊيوڊ سيڪس موجب جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ بگڙجي ٿي ته اسرائيل کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ جنگ کي پکيڙڻ ۽ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو جنهن کي هن ”تباه ڪن“ قرار ڏنو. جڏهن ته صدر ٽرمپ چيو ته ڊيوڊ سيڪس اهو خدشو ساڻس سڌي ريت شيئر ناهي ڪيو.