تهران-17 مارچ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ملڪ جي نئين سپريم ليڊر سيد مجتبٰي خامنه اي جي صحت بهتر آهي ۽ هو جلد عوام کي خطاب ڪري سگهي ٿو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان چيو آهي ته مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته هو خيريت سان آهي ۽ اميد آهي ته هو تمام جلد عوام کي خطاب ڪندو . هن …
ايران جي سپريم ليڊر جي صحت بهتر آهي، جلد عوام کي خطاب ڪندو: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
تهران-17 مارچ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ملڪ جي نئين سپريم ليڊر سيد مجتبٰي خامنه اي جي صحت بهتر آهي ۽ هو جلد عوام کي خطاب ڪري سگهي ٿو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان چيو آهي ته مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته هو خيريت سان آهي ۽ اميد آهي ته هو تمام جلد عوام کي خطاب ڪندو . هن چيو ته وچ اوڀر جو تڪرار دراصل آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي مڙهيل جنگ آهي جنهن ۾ ايران جو عوام پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي ۽ هو دفاع ئي ڪري رهيا آهن.










