لاڙڪاڻو جي نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو عُهدي جي چارج وٺي ورتي، ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن سان اجلاس

لاڙڪاڻو- 17 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو عُهدي جي چارج وٺندي پنهنجون ذميواريون باقاعده طور تي نڀائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. چارج وٺڻ کان پوءِ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن سان تعارفي اجلاس منعقد ڪندي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته ضلعي ۾ عوامي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي ڪمن کي …

لاڙڪاڻو- 17 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو عُهدي جي چارج وٺندي پنهنجون ذميواريون باقاعده طور تي نڀائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. چارج وٺڻ کان پوءِ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن سان تعارفي اجلاس منعقد ڪندي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته ضلعي ۾ عوامي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ سندن اولين ترجيح هوندي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري ۽ محنت سان نڀائين ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته عوامي شڪايتن جي تڪڙي ازالي لاءِ عملي قدم کنيا ويندا ۽ سڀئي کاتا پاڻ ۾ بهتر رابطي سان ڪم ڪن ته جيئن ضلعي جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ لاڙڪاڻو جي نئين ڊپٽي ڪمشنر کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.