ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ کان ڪراچي ۾ اي وي بسن جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ٽرانسپورٽ کاتي پاران ماحول دوست اي وي بسن جو نئون روٽ اڄ اڱاري واري ڏينھن شروع ڪيو پيو وڃي، اي وي …
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اڄ کان ڪراچي ۾ اي وي بسن جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ کان ڪراچي ۾ اي وي بسن جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ٽرانسپورٽ کاتي پاران ماحول دوست اي وي بسن جو نئون روٽ اڄ اڱاري واري ڏينھن شروع ڪيو پيو وڃي، اي وي بس جو نئون روٽ شروع ٿيڻ سان لکين شھرين کي فائدو پھچندو. ھن چيو تھ اليڪٽرڪ بس سروس جو نئون روٽ گلشن معمار کان ٽاور تائين شروع ڪيو ويندو، جيڪو 32 ڪلوميٽرن تي مشتمل ھوندو، نئون روٽ شروع ٿيڻ سان گلشن معمار، سرجاني ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رھواسين کي جديد ۽ سستي سفري سھولت ملندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت شھرين کي معياري ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ فراھم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، اليڪٽرڪ بسون نھ رڳو آرامدهه ۽ جديد سھولتن واريون پر ماحول دوست بھ آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت شھرين کي عالمي معيار جي ٽرانسپورٽ ڏيڻ لاءِ پرعزم آھي، مستقبل ۾ اي وي بس سروس جا نوان روٽ بھ متعارف ڪرايا ويندا. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ ڪراچي جھڙي شھر ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جي بھتري حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي، جديد اليڪٽرڪ بسون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي ان ويزن جو حصو آھن.











