سنڌ جي گورنر محمد نھال ھاشمي سان پ پ پ اڳواڻ سينيٽر وقار مھدي جي ملاقات

ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نھال ھاشمي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مھدي گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر وقار مھدي، محمد نھال ھاشمي کي گورنر سنڌ جو منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. ملاقات دوران ملڪ ۽ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، عوامي ڀلائي جي رٿائن ۽ گڏيل دلچسپي جي …

ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نھال ھاشمي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مھدي گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر وقار مھدي، محمد نھال ھاشمي کي گورنر سنڌ جو منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. ملاقات دوران ملڪ ۽ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، عوامي ڀلائي جي رٿائن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين اھم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنھي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو تھ عوامي مسئلن جي اثرائتي حل ۽ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني سياسي قوتن وچ ۾ سھڪار ۽ ھم آھنگي اڻٽر آھي. گورنر محمد نھال ھاشمي چيو تھ صوبي ۽ ملڪ جي وسيع مفاد کي نظر ۾ رکندي گڏيل ڪاوشن کي ھٿي وٺائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ھن ان عزم کي ورجايو تھ اثرائتين پاليسين ۽ قدمن وسيلي عوام جي زندگين ۾ ھاڪاري ۽ پائيدار تبديليون آڻڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون جاري رکيون وينديون.