ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي رهائش گاهن تي پهچي، ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سنڌ جي گورنر مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، سينيئر سياستدان شاهه محمد شاههه ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي رهائش گاهن تي وڃي ساڻن …
سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جي مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي رهائش گاهن تي پهچي، ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سنڌ جي گورنر مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، سينيئر سياستدان شاهه محمد شاههه ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي رهائش گاهن تي وڃي ساڻن ملاقات ڪئي. ملاقاتن دوران ملڪي ۽ صوبائي سياسي صورتحال، عوامي کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته عوامي ڀلائي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گورنر چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۽ بهتر حڪمراني لاءِ سياسي ۽ سماجي قيادت وچ ۾ لڳاتار رابطو انتهائي اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي ميزبان شخصيتن پاران گورنر محمد نهال هاشمي کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو به پيش ڪيو.











