لاڙڪاڻو ـ 16 مارچ ( اي پي پي) ڏوڪري پوليس ماڻھن کي شادي جو ڏٽو ڏيئي ڦريندڙ گينگ جي چئن ٺڳن کي گرفتار ڪري ورتو ـ ڏوڪري پوليس ماڻھن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي شھرين کي شادي جو ڏٽو ڏئي پئسا ڦريندڙ چئن ٺڳن ذوالفقار، عنایت، امیر بخش ۽ حسین بخش کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار سادي قسم جي شھرين کي شادي جي لالچ ڏئي انئن رقم ھڙپ ڪندا هئا. …
ڏوڪري پوليس پاران ماڻھن کي شادي جو ڏٽو ڏيئي ڦريندڙ چار ٺڳ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو ـ 16 مارچ ( اي پي پي) ڏوڪري پوليس ماڻھن کي شادي جو ڏٽو ڏيئي ڦريندڙ گينگ جي چئن ٺڳن کي گرفتار ڪري ورتو ـ ڏوڪري پوليس ماڻھن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي شھرين کي شادي جو ڏٽو ڏئي پئسا ڦريندڙ چئن ٺڳن ذوالفقار، عنایت، امیر بخش ۽ حسین بخش کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار سادي قسم جي شھرين کي شادي جي لالچ ڏئي انئن رقم ھڙپ ڪندا هئا. لاڙڪاڻو پوليس اھڙين شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي چئن ڄڻن تي ٻڌل گروپ کي گرفتار ڪري ورتو، شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آھي ته جوابدار شھرين سان شادي جو واعدو ڪري انهن کان روڪ رقم ۽ ٻيا مالي فائدي حاصل ڪندا هئا ۽ بعد ۾ رابطو ختم ڪري ڇڏيندا هئا. پوليس جوابدارن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي لاڳاپيل شقن 420, 406, 506/2, 34 تحت ڪيس 19/2026 داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.











