نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، صحافي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، صحافي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن سينيئر صحافي حاجي نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر عبدالرزاق سيال ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر …

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، صحافي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن سينيئر صحافي حاجي نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر عبدالرزاق سيال ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ نيشنل پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٻنهي گروپن ڊيموڪريٽس ۽ جرنلسٽ پينل جي عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ نئين چونڊيل ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ صحافي برادري کي درپيش معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي جيڪو صحافي برادري جي مسئلن جي حل ۽ پيشيواراڻي قدرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ ميڊيا جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. وفاقي وزير چيو ته صحافي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، لاڳاپيل معاملن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وفد جي ميمبرن اطلاعات واري وفاقي وزير کي نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا عيدالفطر کانپوءِ منعقد ٿيندي. وفاقي وزير حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي وزيراعظم جو ميڊيا بابت ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هئا.

مزید خبریں