سنڌ ۾ پرائري تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ 21 هزار 500 استادن کي تربيت ڏني وئي

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پرائمري سطح تي تدريس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي اهم تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت 21 هزار 500 استادن کي تربيت فراهم ڪئي آهي. اهو قدم سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن(سليڪٽ) منصوبي جو حصو آهي. اهو تعليم جي شعبي ۾ هڪ وڏو پروگرام آهي ۽ ان جو مقصد پرائمري ۾ پڙهندڙ شاگردن ۾ بنيادي خواندگي ۽ …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پرائمري سطح تي تدريس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي اهم تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت 21 هزار 500 استادن کي تربيت فراهم ڪئي آهي. اهو قدم سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن(سليڪٽ) منصوبي جو حصو آهي. اهو تعليم جي شعبي ۾ هڪ وڏو پروگرام آهي ۽ ان جو مقصد پرائمري ۾ پڙهندڙ شاگردن ۾ بنيادي خواندگي ۽ رياضي جي مهارتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. سرڪاري دستاويزن مطابق ان منصوبي جي مجموعي لاڳت 167.21 ملين ڊالرز آهي ۽ ان کي اپريل 2026ع تائين مڪمل ٿيڻو هو پر هاڻي ان جو مدو وڌائي اپريل 2027ع تائين ڪرڻ جي درخواست به ڏئي ڇڏي آهي. ان پروگرام تحت استادن ڪنٽينيوئيس پروفيشنل ڊولپمينٽ (سي پي ڊي) جا مختلف تربيتي مرحلا مڪمل ڪيا جن ۾ جديد تدريسي طريقا، ڪلاس روم ۾ شاگردن جي بهتر شموليت ۽ ننڍي عمر جي شاگردن جي تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هي منصوبو سنڌ جي 12 ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويو جنهن ۾ ڳوٺن ۽ شهري علائقن جا پرائمري اسڪول شامل آهن. تربيت دوران استادن ۾ تربيتي مواد پڻ ورهايو ويو. منصوبي جي دستاويزن موجب هاڻي تائين 10 هزار 993 اسڪولن تائين رسائي ملي چڪي آهي جڏهن ته هدف وارن ضلعن ۾ اٽڪل 7 لک 41 هزار 591 شاگرد ان مان فائدو کڻي سگهندا. استادن جي تربيت ۽ تعليمي مواد سان گڏو گڏ تعليمي بنيادي ڍانچي جي بهتري به شامل آهي جنهن تحت 295 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري سطح تائين آندو پيو وڃي. اميد آهي ته اهو منصوبو اپريل 2026ع تائين تڪميل طرف وڌندي پرائمري تعليم کي مضبوط بڻائيندو ۽ ان سان اسڪولن مان اسڪول ڇڏي ويندڙ شاگردن جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.