سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا شاگرد ڇهين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ۾ شرڪت ڪندا

ڄامشورو- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽئگس طرفان شاگردن کي ڇهين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت ملي آھي، جيڪو 3 کان 6 مئي 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس جاري ڪيل سرڪيولر موجب پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد هن عالمي سطح جي تقريب ۾ پنهنجي قابليت، تخليقيت، …

ڄامشورو- 16 مارچ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽئگس طرفان شاگردن کي ڇهين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت ملي آھي، جيڪو 3 کان 6 مئي 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس جاري ڪيل سرڪيولر موجب پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد هن عالمي سطح جي تقريب ۾ پنهنجي قابليت، تخليقيت، جدت ۽ علمي مهارتن جو مظاهرو ڪندا. شاگردن لاءِ مختلف مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويندا. يونيورسٽي انتظاميا سمورن شعبن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو شاگردن تائين اها ڄاڻ پهچائين، نوٽيس بورڊن ۽ سرڪاري سوشل ميڊيا چئنلن ذريعي سرڪيولر جاري ڪن ۽ دلچسپي رکندڙ شاگردن کي آن لائين رجسٽريشن لاءِ همٿائين. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ شاگرد آن لائين رجسٽريشن ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته لاڳاپيل شعبن کي پڻ هدايت ڪئي ويئي آهي ته رجسٽرڊ شاگردن جي فهرست يونيورسٽي انتظاميا ڏانهن موڪلي وڃي.

مزید خبریں