لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ- 16 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪمن تي قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ پوليس تازي ڪارروائي ۾ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون. ايس ايڇ او ٿاڻو قمبر سٽي انسپيڪٽر انور علي ابڙو ۽ ساٿين ڇاپا مار ڪارروائي ۾ شهري نجيب الرحمان بروهي …
قمبر شھدادڪوٽ ۾ پوليس ڪارروايُون، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ- 16 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪمن تي قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ پوليس تازي ڪارروائي ۾ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون. ايس ايڇ او ٿاڻو قمبر سٽي انسپيڪٽر انور علي ابڙو ۽ ساٿين ڇاپا مار ڪارروائي ۾ شهري نجيب الرحمان بروهي جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي. ٻي ڪارروائي ۾ به قمبر سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪارروائي ڪندي شهري آفاق احمد شيخ جي چوري ٿيل موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي.











