ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران 3.507 ارب ڊالرن جو نمايان اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) ملڪي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.507 ارب ڊالرن جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل مالي سال جي پڄاڻي تائين ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالرز ريڪارڊ ڪيو ويو هيو. جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) ملڪي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.507 ارب ڊالرن جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل مالي سال جي پڄاڻي تائين ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالرز ريڪارڊ ڪيو ويو هيو. جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.728 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جو ذخيرو 5.363 ارب ڊالرز هيو. 6 مارچ تي ختم ٿيل هفتي تائين مٽا سٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.598 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽا سٽا جو ذخيرو 16.341 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 5.257 ارب ڊالرز ريڪارڊ ڪيو ويو. جاري مالي سال دوران اسٽيٽ بينڪ جي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 3.613 ارب ڊالرن جو اضافو جڏهن ته ڪمرشل بينڪن جي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 106 ملين ڊالرن جي گهٽتائي رهي.