ڪينبرا- 16 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ تيل بردار جهازن جي تحفظ لاءِ آبنائي هرمز ۾ پنهنجا سامونڊي جهاز نه موڪليندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن آسٽريليا جي بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ، علائقائي ترقي ۽ بلديات کاتي بابت وزير ڪيٿرين ڪنگ چئي. هن چيو ته حڪومت وچ اوڀر ۾ تيل بردار جهازن جي تحفظ لاءِ آبنائي هرمز ۾ پنهنجا بحري جهاز نه …
تيل بردار جهازن جي تحفظ لاءِ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي جهاز نه موڪلينداسين: آسٽريليا جو وزير
ڪينبرا- 16 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ تيل بردار جهازن جي تحفظ لاءِ آبنائي هرمز ۾ پنهنجا سامونڊي جهاز نه موڪليندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن آسٽريليا جي بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ، علائقائي ترقي ۽ بلديات کاتي بابت وزير ڪيٿرين ڪنگ چئي. هن چيو ته حڪومت وچ اوڀر ۾ تيل بردار جهازن جي تحفظ لاءِ آبنائي هرمز ۾ پنهنجا بحري جهاز نه موڪليندي . پرڏيهي ميڊيا موجب اها گذريل ڏينهن آسٽريليا ڳالهه گذريل ڏينهن آسٽريليا جي وزير انفراسٽر ڪچر، ٽرانسپورٽ ، علاقائي ترقي ۽ بلدياتي حڪومت ڪيٿرين ڪنگ چئي. هن چيو ته حڪومت وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب پيدا ٿيل امڪاني معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي، ۽ خطي ۾ جنگي جهاز موڪلڻ جو ڪو به منصوبو ناهي. هن چيو ته آسٽريليا وٽ 37 ڏينهن جو پيٽرول، 30 ڏينهن جي ڊيزل ۽ 29 ڏينهن جو جيٽ فيول موجود آهي. حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ذخيرو ڪرڻ جي پابندين ۾ نرمي ۽ عارضي طور تي ٻارڻ جي معيار ۾ تبديلي ڪئي آهي ته جيئن وڌيڪ سلفر واري ٻارڻ جي اجازت ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ وچ اوڀر سبب پيدا ٿيندڙ معاشي بحران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ چڱيءَ ريت تيار آهيون. هوڏانهن آسٽريليا جي وفاقي حڪومت ڇنڇر ڏينهن پنهنجي شهرين کي خبردار ڪيو هيو ته هو بحرين، ايران، عراق، اسرائيل، ڪويت، لبنان، فلسطين، قطر، شام، يمن ۽ گڏيل عرب امارات جو سفر ( ٽرانزٽ ) ڪرڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي ۽ واپار واري وزارت موجب انهن ملڪن لاءِ اڳ ئي سفري تنبيهه جاري ڪئي هئي. پوءِ به شهرين کي اها هدايت ڪئي پئي وڃي ته هو انهن ملڪن جي هوائي اڏن تان ٽرانزٽ نه ڪن. اداري خبردار ڪيو آهي ته خطي ۾ جنگ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ اڏامون اوچتو تبديل يا ملتوي ٿي سگهن ٿيون.











