اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رحيم يار خان ۾ هڪ نجي ادائيگي واري جڳهه تي پيش ايندڙ افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ ٻين عورتن سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون مستحق عورتون به موجود هيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف …
صدر آصف علي زرداري پاران رحيم يار خان ۾ هڪ نجي ادائيگي واري جڳهه تي پيش ايندڙ افسوسناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رحيم يار خان ۾ هڪ نجي ادائيگي واري جڳهه تي پيش ايندڙ افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ ٻين عورتن سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون مستحق عورتون به موجود هيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري فوت ٿيندڙ عورتن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ متاثر خاندانن سان هر ممڪن تعاون ڪيو وڃي. صدر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد کي فوري طور تي رحيم يار خان پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ ضروري قدم يقيني بڻائي سگهجن.











