پاڪستان پاران ايٿوپيا ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ فوتگين تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ايٿوپيا ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ درجنين فوتگين تي ايٿوپيا جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جون دعائون ۽ همدرديون متاثر ماڻهن سان گڏ آهن ۽ اسان ايٿوپيا جي عملدارن جي انهن ڪوششن کي ساراهيون ٿا جيڪي اهي متاثر …

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ايٿوپيا ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ تباهي ۽ درجنين فوتگين تي ايٿوپيا جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جون دعائون ۽ همدرديون متاثر ماڻهن سان گڏ آهن ۽ اسان ايٿوپيا جي عملدارن جي انهن ڪوششن کي ساراهيون ٿا جيڪي اهي متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪري رهيا آهن. پاڪستان ايٿوپيا جي عوام سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ هر ممڪن طريقي سان مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي راضپي جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں