اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان جي دفاع واري وزارت طرفان وانا ۾ ڪامياب حملي جي دعويٰ بي نقاب ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي دفاع واري وزارت وانا ۾ ڪامياب حملي جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ ڊرون کي Soft Kill Measures …
افغان طالبان پاران وانا ۾ حملي بابت دعويٰ بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان طالبان جي دفاع واري وزارت طرفان وانا ۾ ڪامياب حملي جي دعويٰ بي نقاب ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي دفاع واري وزارت وانا ۾ ڪامياب حملي جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ ڊرون کي Soft Kill Measures ذريعي تباهه ڪيو ويو ۽ ڪنهن به فوجي ٺڪاڻي يا انفرا اسٽرڪچر کي نقصان نه پهتو. بيان ۾ چيو ويو ته هاڻوڪي طالبان حڪومت جي اها دعويٰ انهن وٽ قائم ٿيل طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن تحت هو پروپيگنڊا ۽ من گهڙت دعوائون پکيڙين ٿا جهڙوڪ ويجهڙ ۾ پاڪستان ايئر فورس جو جهاز تباهه ڪرڻ ۽ پائليٽس کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي وئي، ان ڪري اهڙين دعوائن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، سچ هميشه ڪوڙ تي هاوي آهي.











