اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 15 مارچ 2026ع منجهند 4 وڳي تائين فتنه الخوارج/افغان طالبان جا 684 دهشتگرد ماريا ويا،912 کان وڌيڪ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 252 پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 44 پوسٽن کي قبضي ۾ وٺي تباهه …
آپريشن غضب الحق دوران فتنه الخوارج/افغان طالبان جا 684 دهشتگرد ماريا ويا،912 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 15 مارچ 2026ع منجهند 4 وڳي تائين فتنه الخوارج/افغان طالبان جا 684 دهشتگرد ماريا ويا،912 کان وڌيڪ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 252 پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 44 پوسٽن کي قبضي ۾ وٺي تباهه ڪيو ويو، اهڙي طرح 229 ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون ۽ توپ تباهه ڪيا ويا. افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ سندن مددگار انفرا اسٽرڪچر جي 73 هنڌن کي فضائي ڪارروائي ۾ موثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو. 14 ۽ 15 مارچ جي وچ واري رات پاڪستان جي هٿياربند فوج افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن سميت فوجي اثاثن کي نشانو بڻايو. انهن ڪاررواين دوران قنڌار ۾ هڪ فني معاونت مرڪز ۽ هٿيارن جي ذخيري کي تباهه ڪيو ويو جنهن کي افغان طالبان ۽ دهشتگرد پاڪستان جي معصوم شهرين خلاف استعمال ڪري رهيا هئا. قنڌار ۾ هڪ سرنگهه به تباهه ڪئي وئي جنهن ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا فني اوزار ۽ٻيو سامان رکيو ويو هو، اهڙي طرح چترال سيڪٽر ۾ زميني فوج افغان طالبان جي بديني پوسٽ تي قائم دهشتگردن جي لانچ پوائنٽ کي به تباهه ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل وڊيو ۾ واضح طور ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان انتهائي درستگي سان صرف انهن ٺڪاڻن ۽ دهشتگرد ڪيمپئن کي نشانو بڻايو جيڪي افغانستان جي سرزمين تان دهشتگردي جي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت حمايت ڪري رهيا هئا، ڪنهن به شهري آبادي يا سول انفرا اسٽرڪچر کي نشانو نه بڻايو ويو جيئن افغان عبوري حڪومت جي ڪجهه عهديدارن ۽ ميڊيا طرفان غلط پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.











