ڪراچي -15 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي مجموعي اندروني سلامتي جي صورتحال ۽ امن امان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جي …
صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي -15 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي مجموعي اندروني سلامتي جي صورتحال ۽ امن امان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جي پاڪستان تي امڪاني اثرن جو جائزو به ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. صدر مملڪت آصف علي زرداري اندروني سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائن جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ قومي يڪجهتي، سياسي هم آهنگي ۽ جمهوري عمل جي تسلسل جي اهميت به ڳالهيون ڪيون ويون.











