اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي ازالي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد موجب اسان سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري ۽ عدم برداشت خلاف متحد بيٺل آهيون. صدر اسلامو فوبيا جي ازالي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن مسلم ڪميونٽيز کي درپيش تعصب …
اسلامو فوبيا جون ڪيتريون ئي صورتون آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي ازالي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد موجب اسان سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري ۽ عدم برداشت خلاف متحد بيٺل آهيون. صدر اسلامو فوبيا جي ازالي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن مسلم ڪميونٽيز کي درپيش تعصب ۽ تشدد جي وڌندڙ واقعن طرف ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ مذهبي رنگن جو احترام ۽ رواداري جي ضرورت تي زور ڀريو ٿو. هي ڏينهن ڪرائسٽ چرچ جي المناڪ واقعي جي به ياد ڏياري ٿو جنهن انسانيت جي ضمير کي جهنجهوڙي رکيو هو. صدر چيو ته اسلامو فوبيا جون ڪيتريون ئي صورتون آهن جن ۾ نفرت انگيز تقريرون، اڻبرابري وارو سلوڪ ۽ مذهبي علامتن ۽ عبادتگاهن تي حملا شامل آهن، اهڙا قدم بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ ان بنيادي اصول ته قانون جي نظر ۾ سمورا انسان برابر آهن جي به ابتڙ آهن. هن چيو ته اسلام امن، همدردي ۽ انصاف جو درس ڏي ٿو، هي عقيدي، نسل يا پس منظر کان مٿانهون ٿي ڪري سموري انسانيت جي احترام جو خواهشمند آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسلام کي انتهاپسندي يا تشدد سان جوڙڻ جون ڪوششون لاعلمي جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ هي تهذيبن وچ ۾ ڳالهين ۽ گڏيل مفاهمت کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن کي ڪمزور ڪن ٿيون. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي پڌرنامو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته سمورا انسان حقن جي لحاظ کان آزاد ۽ برابر پيدا ٿيا آهن، ان پڌرائي جو آرٽيڪل 2 واضح ڪري ٿو ته هر شخص ڪنهن به قسم جي فرق، مذهب کانسواءِ انهن سمورن حقن جو حقدار آهي، هي اصول هڪ منصفاڻي عالمي نظام جي قيام لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، صدر مملڪت چيو ته پاڪستان انساني حقن جي ڪيترن ئي عالمي ڪنوينشنز جي توثيق ڪئي آهي. اسان عالمي فورمز ۽ ڪانفرنسن ۾ اسلامو فوبيا خلاف مسلسل آواز اٿاريندا رهيا آهيون، هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي پر هي هڪ ذميواري به لاڳو ڪري ٿي، ان کي نفرت يا ورهاست پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو نفرت تي ٻڌل ڏوهن خلاف قانوني تحفظ کي مضبوط بڻائي ۽ مذهبي اڳواڻن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن وچ ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ لکين پاڪستاني پرڏيهه ۾ رهندڙ آهن، هو ڪاروبار هلائيندا آهن، اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ انهن معاشرن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهن ٿا. صدر چيو ته جڏهن مسلمانن خلاف تعصب وڌي ٿو ته تحفظ واري احساس ۽ روزگار جي ذريعن سميت تعليم کي متاثر ڪري ٿو. هن چيو ته ڪنهن به شخص کي ان جي عقيدي جي بنياد تي پرکيو يا رد نه ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته غير مسلم شهري کي سرڪاري سهولتون، اسڪولن ۽ روزگار تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رسائي حاصل هجي، مقامي ڪائونسلن ۽ قومي مباحثن ۾ انهن جو آواز ٻڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا بين المذاهب هم آهنگي جي پاليسي ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني آهي. پارليامينٽ نيشنل ڪميشن فار مينارٽيز رائيٽس ايڪٽ 2025ع لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ هاڻي هڪ آزاد نيشنل اقليتي ڪميشن قائم ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته آئون دنيا جي حڪومتن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ مذهبي اڳواڻن کان مطالبو ڪريان ٿو ته هو تعصب کي رد ڪن ۽ ڳالهين ۽ قانوني ذريعن موجب گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام ۽ قانون تحت برابري وارو تحفظ ڪو اختياري اصول ناهي پر اهي ذميواريون آهن. صدر چيو ته پاڪستان انهن اصولن جي حمايت ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مستقل مزاجي سان پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.











