لاهور- 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي خوراڪ جي ضرورتن لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي طلب ۽ رسد جي نگراني ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خوراڪ جي ضرورتن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ نار ملڪن ڏانهن اضافي کاڌي پيتي جُون شيون برآمد ڪرڻ لاءِ جامع ايڪشن پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ …
وزيراعظم پاران نار ملڪن ڏانهن کاڌي پيتي جُون شيون موڪلڻ لاءِ جامع ايڪشن پلان جوڙڻ جي هدايت

مزید خبریں
لاهور- 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي خوراڪ جي ضرورتن لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي طلب ۽ رسد جي نگراني ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خوراڪ جي ضرورتن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ نار ملڪن ڏانهن اضافي کاڌي پيتي جُون شيون برآمد ڪرڻ لاءِ جامع ايڪشن پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ خوراڪ جي صورتحال ۽ اضافي ضروري شين جي برآمد بابت هڪ جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته ملڪ جي خوراڪ جي ضرورتن لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي رسد ۽ طلب جي مڪمل نگراني ڪئي وڃي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جو وڏو ذخيرو موجود آهي، ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سپلاءِ چين تي اثر پوڻ سان خطي ۾ پاڪستاني شين جي برآمد جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن هدايت ڪئي ته موجوده صورتحال ۾ نار ملڪن کي گهربل کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ انهن جي خوراڪ جي تحفظ جو خيال رکيو وڃي. پاڪستاني کاڌي جي ضرورتن کي متاثر ٿيڻ کانسواءِ نار ملڪن ڏانهن وڏي مقدار ۾ موجُود کاڌي پيتي جي شين جي برآمد لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ڀائر نار ملڪن ڏانهن کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻ وقت اعليٰ معيار کي يقيني بڻايو وڃي.











