اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب پيشيواراڻن قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پاران نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب پيشيواراڻن قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر عبدالرزاق سيال، سينئر نائب، سيڪريٽري ۽ ڪابينه جي ٻين ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيشنل پريس ڪلب جي نئين قيادت صحافين جي ڀلائي، پيشيواراڻي بهتري ۽ آزاد ذميوار صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هنن نئين چونڊيل قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.











