لاڙڪاڻو-13 مارچ (اي پي پي) اياز سومرو فائونڊيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين محمد رياض سومرو ڪالهه بيت المال سوئيٽ هوم ۾ رهندڙ يتيم ٻارڙن جي مان ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مرحوم محمد اياز سومرو جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي. تقريب ۾ 100 کان وڌيڪ يتيم ٻارڙن شرڪت ڪئي جن سان گڏجي روزو افطار ڪيو. افطار ڊنر ۾ شهر جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت …
اياز سومرو فائونڊيشن پاران بيت المال سوئيٽ هوم جي يتيم ٻارڙن جي مان ۾ افطار ڊنر جو اهتمام

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-13 مارچ (اي پي پي) اياز سومرو فائونڊيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين محمد رياض سومرو ڪالهه بيت المال سوئيٽ هوم ۾ رهندڙ يتيم ٻارڙن جي مان ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مرحوم محمد اياز سومرو جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي. تقريب ۾ 100 کان وڌيڪ يتيم ٻارڙن شرڪت ڪئي جن سان گڏجي روزو افطار ڪيو. افطار ڊنر ۾ شهر جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ شهري اتحاد جو اڳواڻ نياز ابڙو، نثار مغيري، اختر حسين سومرو، امير علي کهاوڙ، ڊاڪٽر امان الله جوکيو، ڊي ڊي اي جاويد احمد ديناري، قدير احمد ڊومڪي، مسرور ناريجو، رستم علي سومرو سميت ٻين شهرين شرڪت ڪئي. تقريب جو بندوبست مرحوم محمد اياز سومرو جي رهائشگاهه تي ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد رياض سومرو چيو ته رمضان المبارڪ رحمتن ۽ برڪتن وارو مهينو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي غريبن، مسڪينن ۽ يتيم ٻارڙن جي سار سنڀال ڪرڻ هر صاحبِ حيثيت فرد جي ذميواري آهي. هن چيو ته يتيم ٻارڙن سان گڏ افطار ڪرڻ کيس تمام گهڻي خوشي ڏئي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مرحوم ڀاءُ محمد اياز سومرو جي ياد ۽ ايصالِ ثواب لاءِ ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته مرحوم محمد اياز سومرو هميشه انسانيت جي خدمت، غريبن جي مدد ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳڀرو رهندا هئا، جن جي نقشِ قدم تي هلندي هو به فلاحي خدمتون جاري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. محمد رياض سومرو چيو ته هو اڳ به غريبن، بيواهه عورتن ۽ ضرورت مند ماڻهن ۾ ڪپڙا ۽ سلائي مشينون ورهائيندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي نالي سان اهڙيون سماجي خدمتون جاري رکيون وينديون.











