سنڌ حڪومت پاران توانائي جي امڪاني چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري جي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي-12 مارچ (اي پي پي)سنڌ حڪومت توانائي جي امڪاني چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري جي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، ڪفايت شعاري ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار ۽ مڪيش ڪمار چاولا سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي …

ڪراچي-12 مارچ (اي پي پي)سنڌ حڪومت توانائي جي امڪاني چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري جي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، ڪفايت شعاري ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار ۽ مڪيش ڪمار چاولا سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي جي اثرائتي استعمال، سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ وسيلن جي بهتر انتظام سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته سرڪاري عملدارن کي فراهم ٿيندڙ ٻارڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون فوري طور تي گرائونڊ ڪيون وينديون. جڏهن ته، آپريشنل گاڏيون، پوليس موبائيلون، ايمبولينس، فائر برگيڊ ۽ ٻيون ضروري گاڏيون هن فيصلي کان آجيون  هونديون. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٻارڻ جي غير ضروري استعمال کي روڪڻ لاءِ سرڪاري کاتن سان گڏوگڏ مقامي حڪومتي گاڏين جي ٻارڻ ۾ به 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. ڪميٽي پاران سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن (جي اي) کي سرڪاري گاڏين کي گرائونڊ ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته ھو روزاني بنيادن تي ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪندو. گرائونڊ ڪرڻ لاءِ گاڏين جا نمبر ۽ ٻيون تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ باضابطه پروفارما پڻ تيار ڪيو ويندو. ڪميٽي واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو به کاتو انهن هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندو ته لاڳاپيل گاڏي کي تحويل ۾ وٺي سگھبو. هن عمل جي نگراني لاءِ سيڪريٽري جي اي ۽ سيڪريٽري ايڪسائيز تي ٻڌل هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي جيڪا گرائونڊ ڪرڻ لاءِ گاڏين جي مڪمل فهرست جوڙيندي. اجلاس ۾ سرڪاري منصوبن لاءِ رکيل گاڏين، يعني پراجيڪٽ وھيڪلس جي جاچ ۽ رڪوري جي طريقيڪار تي به غور ڪيو ويو. ڪميٽي ميمبرن هدايت ڪئي ته سڀني پراجيڪٽ گاڏين جي تفصيل جلد کان جلد حاصل ڪري واپس ورتا وڃن ۽ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي.  اجلاس ۾اهو فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري آفيسون هفتي ۾ چار ڏينهن معمول مطابق کليل رهنديون، جڏهن ته جمعي واري ڏينھن گهر کان ڪم ڪيو ويندو. ساڳي ريت  صوبي ۾ اسڪول 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بند رهندا، تنهن هوندي به، امتحان مقرر ڪيل شيڊول مطابق ٿيندا ۽ ملتوي نه ڪيا ويندا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت وسيلن جي دانشمندي سان استعمال کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته انهن فيصلن جو مقصد عوامي خدمتن جي فراهمي کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ توانائي جي استعمال کي گهٽائڻ آهي ۽ سڀني کاتن کي انهن ڪفايت شعاري جي قدمن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.