اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. پاڪستان ۾ فائيو - جي اسپيڪٽرم جي نيلامي اٽڪل 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي. نيلامي ۾ ڪامياب واڪ ڏيندڙن ۾ زونگ (چائنا موبائيل) يوفون (اتصالات) ۽ جاز (ويون گروپ) شامل آهن. ناڻي واري …
پاڪستان ۾ فائيو – جي اسپيڪٽرم نيلامي، مقامي ۽ عالمي سيڙپڪاري ۾ تاريخي اضافو
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. پاڪستان ۾ فائيو – جي اسپيڪٽرم جي نيلامي اٽڪل 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي. نيلامي ۾ ڪامياب واڪ ڏيندڙن ۾ زونگ (چائنا موبائيل) يوفون (اتصالات) ۽ جاز (ويون گروپ) شامل آهن. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ان موقعي تي چيو ته اها نيلامي پاڪستان ۾ ٽيلي ڪام ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد جي واضح علامت آهي. هن چيو ته موجوده پرڏيهي ڪمپنين طرفان نئين سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت ۽ جاري سڌارن جي عمل تي اعتماد جو ثبوت آهي. خرم شهزاد موجب ان کان اڳ پي آءِ اي جي 645 ملين ڊالرن جي نجڪاري به مقامي سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد جو اهم اشارو آهي. سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان فضائي رابطن کي هٿي ملندي جڏهن ته فائيو – جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيلامي ۾ ڪامياب ڪمپني جاز (ويون گروپ) ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. ماهرن موجب مقامي ۽ عالمي سيڙپڪاري ۾ تسلسل ملڪي معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. اها مثبت اڳڀرائي ايس آءِ ايف سي جي موثر معاشي پاليسين ۽ سڌارن جي ويزن جو عملي ثمر قرار ڏنو پيو وڃي.












