اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت بدلجندڙ صورتحال موجب وقت سر ۽ مربوط ردِعمل ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ مالياتي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندي، مالياتي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪاري شعبي وچ ۾ ويجهو رابطو ضروري آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) سان …
حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ مالياتي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت بدلجندڙ صورتحال موجب وقت سر ۽ مربوط ردِعمل ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ مالياتي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندي، مالياتي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪاري شعبي وچ ۾ ويجهو رابطو ضروري آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) سان ورچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي، جنهن ۾ مالياتي استحڪام ۽ خدمتن جي تسلسل تي زور ڀريو ويو آهي. اجلاس ۾ پي بي اي جي چيئرمين ظفر مسعود کان علاوه ملڪ جي نمايان بئنڪن جي صدرن ۽ سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خطي ۾ جاري صورتحال جي روشينيءَ ۾ بدلجندڙ معاشي ۽ مالياتي صورتحال ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪاري شعبي وچ ۾ ويجهي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن مالياتي خدمتن کي بنا رنڊڪ تسلسل برقرار رکي سگهجي. ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن کي موجوده صورتحال جي حڪومت سطح تي جاري نگراني ۽ ان جي امڪاني معاشي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته حڪومت اهم اقتصادي وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن تي بَڌل هڪ اعليٰ سطح جو رابطي جو طريقيڪار قائم ڪيو آهي، جيڪو صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيو آهي، ان فورم ۾ عالمي مارڪيٽن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي خاص ڪري سپلاءِ چينز ۽ توانائيءَ جي مارڪيٽن بابت تبديلين جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان جي اهم معاشي اهڃاڻن تي امڪاني اثرن جو اندازو به لڳايو پيو وڃي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت باقاعده مختلف امڪاني منظرنامن جو تجزيو ڪري رهي آهي ته جيئن مهانگائي، پرڏيهي کاتن ۽ مجموعي معاشي استحڪام تي امڪاني اثرن جو جائزو وٺي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عملدارن جو ڌيان ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ ڪُلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ تي ڏيڻ آهي جڏهن ته بدلجندڙ صورتحال موجب وقت سر ۽ محتاط ردِعمل ڏنو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ جي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل ۽ عالمي ڀائيوارن سان به رابطي ۾ آهن. ناڻي واري وزير غير يقيني صورتحال جي دؤرن ۾ معيشت جي اهم شعبن سان مرابوط فيصلن ۽ ويجهن رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان سلسلي ۾ هن ماليتي سعبن جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو اعتماد کي برقرار رکڻ ۽ ماليتي مارڪيٽن جي هموار ڪم کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪاري صنعت جي حوصله افزائي ڪئي ته هو ذميداراڻي رسڪ مئنجمينٽ جي اصولن کي برقرار رکندي ڪاروباري ادارن ۽ صارفين جي معاونت جاري رکن. هن مالياتي شعبي ۾ آپريشنل مضبوطي ۽ اثرائتي ذريعن جي اهميت تي به زور ڀريو ته جيئن مالياتي خدمتن جو تسلسل بنا رنڊڪ جاري رهي. ناڻي واري وزير بئنڪاري صنعت ۽ ٻين ڀائيوارن سان کُليل رابطن جي چينلز کي برقرار رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي شرڪت ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت بدلجندڙ صورتحال موجب وقت سر ۽ مربوط ردِعمل ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ مالياتي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندي. پي بي اي چيئريمن ناڻي واري وزير کي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بئنڪاري شعبي جي داخلي مشاورت ۽ تياري وارن قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته بئنڪاري جي صنعت مالياتي مارڪيٽن ۽ آپريشنل تسلسل تي امڪاني اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا آهن، جن جو مقصد صارفين ۽ ڪاروباري ادارن کي بنا رنڊڪ خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. ظفر مسعود وڌيڪ ٻُڌايو ته بئنڪاري صنعت مالياتي ادارن وچ ۾ وقت سر مشاورت ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا لاءِ هڪ مربوط فريم ورڪ قائم ڪيو آهي. هن حڪومت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪاري شعبي جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي اهميت تي به زور ڀريو ته جيئن مالياتي مارڪيٽن جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي، واپار ۽ مالياتي وهڪري کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته عالمي بئنڪنگ ڀائيوارن ۽ مالياتي ادارن سان رابطا برقرار رکڻ به ضروري آهي ته جيئن مالياتي ڏي وٺ تي اعتماد قائم رهيا ۽ بنيادي معاشي سرگرمين کي سهارو ملي سگهي. ظفر مسعود ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بئنڪاري صنعت حڪومت ۽ ريگيوليٽري ادارن سان ويجهو سهڪار جاري رکندي ۽ اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي.











