وڪيل برادري کي بهتر سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ قدم حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري کي بهتر سهولت جي فراهمي ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن اها ڳالهه نارووال، لوڌران، جهنگ ۽ حافظ آباد بار ايسوسيئيشنز جي صدر ۽ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ بار رومز ۽ لائبريرين جي سهولتن جي بهتري …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري کي بهتر سهولت جي فراهمي ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن اها ڳالهه نارووال، لوڌران، جهنگ ۽ حافظ آباد بار ايسوسيئيشنز جي صدر ۽ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ بار رومز ۽ لائبريرين جي سهولتن جي بهتري سميت وڪيلن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن پنهنجي بارز کي درپيش مسئلن بابت وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ سهولتن جي بهتري جي حوالي سان تجويزون به پيش ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير وڪيل برادري جي ڀلائي جي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بار رومز ۽ لائبريرين جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن بار ايسوسيئيشنز سان موثر رابطي ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.