سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

ڪراچي-11 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آھي ته سرڪاري گاڏين جي پيٽرول ڪوٽا ۾ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ سموريون غير ضروري سرڪاري گاڏيون فوري طور تي گرائونڊ ڪيون وڃن. کاتن اندر ”ڪار پولنگ“ کي هٿي ڏني وڃي. اهڙيون هدايتون هن سيڪريٽري ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون، …

ڪراچي-11 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آھي ته سرڪاري گاڏين جي پيٽرول ڪوٽا ۾ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ سموريون غير ضروري سرڪاري گاڏيون فوري طور تي گرائونڊ ڪيون وڃن. کاتن اندر ”ڪار پولنگ“ کي هٿي ڏني وڃي. اهڙيون هدايتون هن سيڪريٽري ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون، اجلاس ۾ سنڌ ڪابينه پاران منظور ڪيل جامع ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو واري منصوبي تي عمل درآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ سرڪاري خرچ گهٽائڻ ۽ پيٽرول جي بچت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سرڪاري سطح تي ڪفايت شعاري قدمن تحت نئين سرڪاري گاڏين ۽ ٻين قيمتي شين جي خريداري تي جون 2026ع تائين مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان کان علاوه غير ترقياتي خرچن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته جيئن سرڪاري وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ٻڌايو ته سرڪاري آفيسن ۾ پيٽرول ۽ توانائي جي بچت لاءِ صوبي ۾ چار ڏينهن وارو ورڪ ويڪ لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سومر کان خميس تائين سرڪاري آفيسون کليل رهنديون جڏهن ته جمعو، ڇنڇر ۽ آچر موڪل هوندي. پر هي فيصلو ضروري خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن تي لاڳو نه ٿيندو. اجلاس ۾ هي فيصلا پڻ ڪيا ويا ته سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملو متبادل ڏينهن تي ”ورڪ فرام هوم“ تحت ڪم ڪندو. 20 هين گريڊ ۽ ان کان مٿي جا آفيسر رضاڪاراڻي طور ٻن ڏينهن جي پگهار ڇڏيندا. صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن پڻ رضاڪاراڻي طور ڪجهه مهينن جي پگهار ۽ مراعتون تَرڪ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. سرڪاري سطح تي افطار پارٽين ۽ سرڪاري عشائين تي پابندي هوندي. سمورا سرڪاري اجلاس ويڊيو لنڪ يا آن لائن پليٽ فارمز ذريعي منعقد ڪيا ويندا. چيف سيڪريٽري اجلاس جي پڇاڙيءَ ۾ سمورن سيڪريٽرين ۽ کاتن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪفايت شعاري ۽ پيٽرول بچايو بابت انهن قدمن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻائين ته جئين صوبي ۾ وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سمورا ڪمشنر شريڪ ٿيا.