راولپنڊي-11 مارچ (اي پي پي) آپريشن غصب للحق تحت افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، پاڪ فوج، پاڪ افغان سرحد تي زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو. اُتر وزيرستان لڳ پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان جي پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج، پاڪ افغان سرحد تي زوب سيڪٽر ۾ افغان …
آپريشن غصب للحق تحت افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون اثرائتيون ڪارروايون جاري
راولپنڊي-11 مارچ (اي پي پي) آپريشن غصب للحق تحت افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، پاڪ فوج، پاڪ افغان سرحد تي زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو. اُتر وزيرستان لڳ پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان جي پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج، پاڪ افغان سرحد تي زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي وقت سر ۽ ڀرپور ڪارروائي سان بزدل افغان طالبان پوسٽون ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويا. پاڪ فوج افغان طالبان جي قبضي هيٺ پوزيشنن سان روسي بناوت جو 73 ملي ميٽر HGL-9 هيوي گرنيڊ لانچرز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج شوال، اُتر وزيرستان لڳ پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان جي پوسٽ کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج اثرائتي ڪارروائي ڪندي افغان طالبان جي پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جون طاقتور جوابي ڪارروايون ڀارتي پراڪسي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن، آپريشن غصب للحق جاري آهي ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.











