ڪراچي-11 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، حضرت امام علي ابن ابي طالب جي شهادت واري ڏينھن جي موقعي تي عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حضرت علي عليھ السلام جون تعليمات عدل، بهادري ۽ انسانيت جو اعليٰ مثال آهن ۽ پوري مسلمان امت لاءِ رهنمائي جو روشن مينار آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حضرت علي عليھ السلام …
امام علي عليھ السلام جي شهادت اسلام جي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ ڏکوئيندڙ باب آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-11 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، حضرت امام علي ابن ابي طالب جي شهادت واري ڏينھن جي موقعي تي عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حضرت علي عليھ السلام جون تعليمات عدل، بهادري ۽ انسانيت جو اعليٰ مثال آهن ۽ پوري مسلمان امت لاءِ رهنمائي جو روشن مينار آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حضرت علي عليھ السلام هميشه حق، انصاف ۽ مظلوم جي حمايت جو درس ڏنو ۽ سندن سيرت مان اسان کي سماج ۾ انصاف، برداشت ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي ترغيب ملي ٿي. هن چيو ته يومِ علي عليھ السلام اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته حق ۽ سچ جي راهه تي قائم رهڻ ئي اصل ڪاميابي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته امام علي عليھ السلام جي زندگي مسلمان امت لاءِ علم، تقويٰ ۽ اتحاد جو روشن مينار آهي ۽ اڄ جي ڏينهن اسان کي سندن تعليمن کي پنهنجي عملي زندگي ۾ اپنائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته امام علي عليھ السلام جي شهادت اسلام جي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ ڏکوئيندڙ باب آهي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ يومِ علي عليھ السلام جي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ سخت سيڪيورٽي پلان لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويو آهي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو تھ امن، اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي. وڏي وزير دعا ڪئي ته ڌڻي سائين اسان جي ملڪ کي امن، استحڪام ۽ خوشحالي عطا فرمائي.











