نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن ساان گڏوگڏ ان جي وسيع تر نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن …

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن ساان گڏوگڏ ان جي وسيع تر نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں