اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال ۾ 2026ع جي چونڊن ۾ راشٽريه سواتنترا پارٽي جي رابي لامڇاني ۽ بلندرا شاهه کي شاندار ڪاميابي تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾و زيراعظم چيو ته اهو مضبوط مينڊيٽ نيپالي عوام جي نئين ۽ متحرڪ قيادت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان نيپال جي …
وزيراعظم پاران نيپال جي چونڊن ۾ راشٽريه سواتنترا پارٽي جي رابي لامڇاني ۽ بلندرا شاهه کي ڪاميابي تي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال ۾ 2026ع جي چونڊن ۾ راشٽريه سواتنترا پارٽي جي رابي لامڇاني ۽ بلندرا شاهه کي شاندار ڪاميابي تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾و زيراعظم چيو ته اهو مضبوط مينڊيٽ نيپالي عوام جي نئين ۽ متحرڪ قيادت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان نيپال جي نئين چونڊيل حڪومت سان ويجهي تعاون جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي تاريخي دوستي ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي.











