اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيپال جي راشٽريه سواتنترا پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ بلندرا شاهه کي تاريخي چونڊ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته چونڊ عمل ۾ نوجوانن جي فعال شرڪت انتهائي حوصلي جوڳي آهي ۽ اها جوابده طرز حڪمراني ۽ سڌارن جي لاءِ خطي ۾ موجود وسيع تر رجحان جي …
صدر آصف علي زرداري پاران نيپال جي راشٽريه سواتنترا پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ بلندرا شاهه کي تاريخي چونڊ ڪاميابي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيپال جي راشٽريه سواتنترا پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ بلندرا شاهه کي تاريخي چونڊ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته چونڊ عمل ۾ نوجوانن جي فعال شرڪت انتهائي حوصلي جوڳي آهي ۽ اها جوابده طرز حڪمراني ۽ سڌارن جي لاءِ خطي ۾ موجود وسيع تر رجحان جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته نوجوان قيادت جو اڀرڻ ڏکڻ ايشيا ۽ سڄي دنيا جي لاءِ هڪ مثبت پيغام آهي. صدر ياد ڏياريو ته پاڪستان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميراث تي فخر آهي جيڪا پاڪستان جي گهٽ عمر ترين وزيراعظم بڻجي. هن چيو ته نيپال ۾ هڪ نوجوان وزيراعظم جو سامهون اچڻ خطي جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. هن پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ 1960ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ کان قائم گرمجوش ۽ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ان خواهش جو ورجاءُ ڪيو ته هو نيپال سان گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر آصف علي زرداري نئين قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها پنهنجي سڌاراجاتي ترجحن کي اڳتي وڌائيندي نيپال جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪستان پاران نيپال سان پراڻي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.











