آپريشن غضب الحق دوران فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 641 دهشتگرد ماريا ۽ 855 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 11 مارچ 2026ع جي ٽپهر 4 وڳي تائين فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 641 دهشتگرد ماريا ۽ 855 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته …

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 11 مارچ 2026ع جي ٽپهر 4 وڳي تائين فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 641 دهشتگرد ماريا ۽ 855 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 42 چيڪ پوسٽون قبضي ۾ وٺي تباهه ڪيون ويون. اهڙي طرح 219 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون ۽ توپون تباهه ڪيون ويون. سڄي افغانستان ۾ 65 دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ مددگار جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ موثر طور تي نشانو بڻايو ويو.

مزید خبریں