ڊجيٽل ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مڪمل اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مڪمل اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي، 32 کان وڌيڪ سرڪاري خدمتن کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻايو ويو آهي ۽ موبائيل ايپس ذريعي نادرا جي دستاويزن تائين پهچ ممڪن ٿي رهي آهي. وڌيڪ ترقي ۽ سيڙپڪاري …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مڪمل اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي، 32 کان وڌيڪ سرڪاري خدمتن کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻايو ويو آهي ۽ موبائيل ايپس ذريعي نادرا جي دستاويزن تائين پهچ ممڪن ٿي رهي آهي. وڌيڪ ترقي ۽ سيڙپڪاري لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي قانونن، پاليسين ۽ نظام کي سائبر سيڪيورٽي جي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن سائبر سيڪيورٽي بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيستائين پاڪستان ۾ مضبوط سائبر سيڪيورٽي نظام قائم نه ٿيندو. ان وقت تائين پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن ۾ مڪمل اعتماد پيدا نه ٿي سگهندو. هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي صرف ٽيڪنالاجي جو معاملو ناهي پر اهو هر شهري جي ذاتي سڃاڻپ، ذاتي سلامتي، گهرن ۽ خاندانن جي حفاظت کان وٺي قومي سلامتي تائين جي سمورن رخن سان ڳنڍيل آهي. وفاقي وزير چيو ته دنيا تيزي سان ڊجيٽلائيزيشن طرف وڌي رهي آهي جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ به جديد ٽيڪنالاجيز جو استعمال سامهون اچي رهيو آهي. انهن ٽيڪنالاجيز ذريعي بيمارين جي بهتر علاج جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ان سان گڏ ڊيٽا جي غلط استعمال جا خطرا به وڌي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ آبادي جي جينياتي ڊيٽا تائين پهچ هجي ته ان جي غلط استعمال جا امڪان به پيدا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ ڊجيٽل دور ۾ سائبر سيڪيورٽي کي انتهائي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. شزه فاطمه چيو ته حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائن لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان سائبر سيڪيورٽي ايڪٽ ۽ لاڳاپيل ادارن کي فعال بڻائڻ تي به ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سائبر سيڪيورٽي هڪ انتهائي اهم شعبو آهي جنهن ۾ مختلف مهارتن جي ضرورت هوندي آهي ۽ حڪومت ان لاءِ خاص وسيلن ۽ اداره جاتي نظام کي مضبوط بڻائي رهي آهي ته جيئن پاڪستان کي ڊجيٽل معيشت ۾ محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي.