پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو ھنلدڙ مالي سال دوران 41 ارب ڊالرز کان وڌي سگھي ٿو: ناڻي واري وزير جو صلاحڪار خرم شھزاد

اسلام آباد - 11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شھزاد چيو آھي ته جاري مالي سال دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرز کان وڌي سگھي ٿو. اربع ڏينھن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ اضافي جو رجحان …

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شھزاد چيو آھي ته جاري مالي سال دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرز کان وڌي سگھي ٿو. اربع ڏينھن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ اضافي جو رجحان جاري آھي ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ملڪ لاءِ عزم ۽ حمايت مضبوط آھي. ھن چيو ته فيبروري ۾ پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين جي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 3.3 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال فيبروري جي 3.1 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 5.2 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي، مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين جي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 26.5 ارب ڊالرز رھيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 23.9 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 10.5 سيڪڙو وڌيڪ آھي، ان رحجان کي نظر ۾ رکندي جاري مالي سال جي پڄاڻي تائين پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين جي مٽاسٽا واري ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرز کان وڌيڪ ھوندو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستانين ملڪ تي اعتماد جي مضبوط عڪاسي ۽ ملڪي ترقي لاءِ اڻ ٽٽ عزم جو سلسلو جاري رکيو آھي.