سينيٽ چيئرمين پاران ايران جي نئين سپريم ليڊر کي مبارڪون، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي جمهوريه ايران جي نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي کي عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ، سينيٽ ۽ عوام طرفان آيت الله مجتبيٰ …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي جمهوريه ايران جي نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي کي عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ، سينيٽ ۽ عوام طرفان آيت الله مجتبيٰ خامنائي کي اها اهم ذميواري سنڀالڻ تي دلي مبارڪون ڏيان ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مذهبي، ثقافتي، تاريخي گهرا رشتا موجود آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني آيت الله علي خامنائي جي شهادت تي ايراني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان ڏک جي ان گهڙي ۾ ايراني قيادت ۽ عوام سان گڏ آهي ۽ شهيد اڳواڻ جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو.

مزید خبریں