وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران مستقبل ۾ وبائي مرضن کي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ حيواني صحت، بيمارين جي نگراني ۽ ون هيلٿ نظام ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ سيڙپڪاري تي زور

روم-25 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين مستقبل ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ حيواني صحت، بيمارين جي نگراني ۽ ون هيلٿ نظام ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ سيڙپڪاري تي زور ڀريو آهي. روم ۾ ايف اي او هيڊڪوارٽرز ۾ ايف اي او ۽ پينڊيمڪ فنڊ، مضبوط حيواني صحت جي نظام ۽ آئنده وبائن جي روڪٿام لاءِ پائيدار حل جي …

روم-25 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين مستقبل ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ حيواني صحت، بيمارين جي نگراني ۽ ون هيلٿ نظام ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ سيڙپڪاري تي زور ڀريو آهي. روم ۾ ايف اي او هيڊڪوارٽرز ۾ ايف اي او ۽ پينڊيمڪ فنڊ، مضبوط حيواني صحت جي نظام ۽ آئنده وبائن جي روڪٿام لاءِ پائيدار حل جي موضوع تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وبائن جي روڪٿام لاءِ بنيادي سطح تي قدم ضروري آهن. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب راڻا تنوير حسين انساني، حيواني ۽ ماحولياتي سببن سبب گڏيل تعلق سان پيدا ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙو مضبوط نظام بڻائڻ تي زور ڀريو جيڪو ڪنهن خطري کي بحران بڻجڻ کان اڳ وقت تي سڃاڻپ ۽ قابو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. هن چيو ته پاڪستان کي وڏي پئماني تي موجود چوپائي مال، انسانن ۽ جانورن وچ ۾ ويجهو رابطو، آبادي جي لڏپلاڻ ۽ بار بار ايندڙ موسمياتي تبديلين سبب ون هيلٿ جي حوالي سان هڪ اهم چئلينجز درپيش آهي، هن چيو ته حيواني صحت جو تحفظ نه رڳو عوامي صحت پر غذائي تحَفظ ۽ ٻهراڙي جي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ به ضروري آهي، وفاقي وزير پينڊيمڪ فنڊ تحت پاڪستان ۾ ٿيل اڳڀرائي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي اٽڪل 18.7 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا جڏهن ته 4.1 ملين ڊالرن جي شريڪ مالي مدد ۽ 49.7 ملين ڊالرن جي گڏيل سيڙپڪاري به متحرڪ ڪئي وئي آهي. هن پروگرام جي اڳواڻي قومي صحت واري وزارت ڪري رهي آهي. جڏهن ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت سان ويجهو رابطو آهي. صحت جو عالمي ادارو، ايف اي او ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان پروگرام کي لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار ادارن طور ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 18 مهينن کان به گهٽ وقت ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽس آف هيلٿ ۾ قومي ون هيلٿ سيڪٽريٽ فعال ٿي چڪو آهي جڏهن ته 5 علائقن ۾ ون هيلٿ يونٽس ۽ رابطا ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. حيواني صحت جي شعبي ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير ٻڌايو ته وٽرنري ليبارٽري نيٽ ورڪ کي مضبوط بڻائڻ جو اٽڪل 3 ڀاڱي 4 حصو مڪمل ٿي چڪو آهي، صوبائي وٽرنري ليبارٽرين جو جائزو ورتو ويو آهي، اپ گريڊيشن جو منصوبو حتمي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ نمونن کي حاصل ڪرڻ ۽ منتقلي لاءِ رهنما اصول جاري ڪيا ويا آهن. هن پاڪستان جي پهرين قومي پولٽري ليبارٽري جي عالمي معيار، جاچ پروگرام ۾ شموليت کي به اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. راڻا تنوير حسين ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ اينيمل ڊزيز رپورٽنگ اينڊ سرويلنس سسٽم کي به اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي جنهن جي سمورن صوبن ۽ علائقن توثيق ڪئي آهي. هن نظام ذريعي جانورن ۾ بيمارين جي نگراني وڌيڪ موثر بڻائڻ سان گڏوگڏ پهريون ڀيرو جهنگلي جيوت ۽ آبي جيوت جي شعبن کي به نگراني جي دائري ڪار ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، هن صوبائي ۽ ضلعي سطح تي گهڻ شعباجاتي فوري رد عمل ٽيمن ۽ فيلڊ ايپيڊيميالوجي جي تربيت جو به ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد انساني، حيواني ۽ ماحولياتي صحت جي ماهرن کي گڏيل طور تي بيمارين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قابل بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ وبائن جي روڪٿام ۾ حيواني صحت ڪو ثانوي شعبو ناهي، پر بنيادي دروازو آهي. هن چيو ته حيواني ۽ ماحولياتي صحت ۾ وقت سر سيڙپڪاري مستقبل ۾ وبائن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني ۽ معاشي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ وڏي ۽ پيچيده وفاقي نظام ۾ ون هيلٿ جي عملي لاڳو جا پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايف اي او، پينڊيمڪ فنڊ سيڪريٽريٽ ۽ ميمبر ملڪن سان تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن حيواني صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ون هيلٿ جي تصور کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايف اي او جي فني مهارت ۽ فيلڊ ۾ موجودگي کي ساراهيندي وبائن جي روڪٿام، تياري ۽ موثر رد عمل لاءِ عالمي تعاون ۽ پائيدار مالي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريو.

مزید خبریں