پيٽرول رليف اسڪيم جو مقصد متاثر طبقن کي سڌي ريت رليف فراهم ڪرڻ آهي، عوام، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن ۽ اهم اثاثن جو تحفظ يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي: بلال اظهر ڪياني جي شزا فاطمه خواجه سان گڏ پريس ڪانفرنس

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت مشڪل معاشي حالتن، محدود وسيلن ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي پابندين کي نظر ۾ رکندي پيٽرول رليف اسڪيم ذريعي انهن طبقن کي سڌي ريت رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي پيٽرول جي قيمتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ لوڊر استعمال ڪندڙن …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته حڪومت مشڪل معاشي حالتن، محدود وسيلن ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي پابندين کي نظر ۾ رکندي پيٽرول رليف اسڪيم ذريعي انهن طبقن کي سڌي ريت رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي پيٽرول جي قيمتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ لوڊر استعمال ڪندڙن کي هر هفتي 500 روپيا، جڏهن ته 800 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ هر 10 ڏينهن کانپوءِ 1000 رپين جي رعايت فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پيٽرول رليف اسڪيم تي ڪاميابي سان عملدرآمد جاري آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران، مون پنهنجي ٽڪ جي ٽنهي تعلقن تقريبن 40 پيٽرول پمپن جو دورو ڪيو ۽ شهرين، خاص طور تي موٽرسائيڪل سوارن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي. بزرگ شهرين ۽ شاگرد سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي رجسٽريشن مون پاڻ ڪرائي ۽ کين موقعي تي رليف حاصل ڪندي ڏٺو. هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ لوڊر استعمال ڪندڙن لاءِ اسڪيم تحت هر هفتي 500 رپين جو مفت پيٽرول فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ماهوار اٽڪل 2,000 بڻجي ٿو، جڏهن ته 800 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين لاءِ، هر 10 ڏينهن ۾ 1,000 رپين تائين جي رعايت ڏني پئي وڃي، جيڪا تقريباً 3,000 رپيا بڻجي ٿي. سرڪاري اسڪيم موجب، ٻن ۽ ٽن ڦيٿين وارين گاڏين لاءِ هفتيوار رليف پنج ليٽر پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر جي حساب سان آهي، جڏهن ته 800 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ، 10 ڏينهن ۾ 1,000 رپين جي رعايت مقرر ڪئي وئي آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ لوڊرز لاءِ، بنيادي طور ۽ لاڳاپيل گاڏي جو ايڪسائيز رجسٽريشن ڪارڊ گهربل آهي. گاڏي جو رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته ان جو صارف  جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ هجڻ لازمي ناهي، جڏهن ته رجسٽريشن لاءِ استعمال ٿيندڙ موبائل سم سڃاڻپ ڪارڊ سان ڳنڍيل هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته، 800 سي سي تائين جي گاڏي جي صورت ۾، گاڏي جو صارف جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي. هن شهرين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ گاڏي لاڳاپيل رجسٽريشن ڪاغذن سان ويجهي پيٽرول پمپ تي وڃن، جتي عملو ۽ لاڳاپيل رضاڪار رجسٽريشن ۾ مدد ڪندا. ڪيترن معاملن ۾ رجسٽريشن، ٽوڪن جاري ڪرڻ ۽ پيٽرول حاصل ڪرڻ جو عمل ڪجهه منٽن ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته هي صرف ڪاغذي اسڪيم ناهي پر عملي طور تي پيٽرول پمپس به فعال آهن ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته ان مان وڌ کان وڌ مستحق شهري فائدو حاصل ڪن. هن سياسي ڪارڪنن، لاڳاپيل ادارن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي ته اسڪيم بابت معلومات ڳوٺ، ڳوٺ، گهٽي گهٽي ۽ پاڙي جي سطح تائين پهچائين ته جيئن صرف معلومات جي گهٽتائي سبب ڪو حقدار هن سهولت کان محروم نه رهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيٽروليم ليوي ۾ عام طور تي ڪجهه روپيا گهٽتائي ڪئي وڃي ها ته  ان جو فائدو وڏيون ۽ ننڍيون ۽ هر قسم جون گاڏيون استعمال ڪندڙن کي ٿئي ها ، پر موجوده طريقيڪار ۾ وسيلن کي وڌيڪ متاثر طبقن تائين سڌي ريت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هفتيوار 500 رپين جو رليف، جيڪڏهن پنج ليٽر جي استعمال کي بنياد بڻايو وڃي ته، ته اها اٽڪل 100 رپيا في ليٽر جي رعايت جي برابر آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جي ڪوشش آهي ته موجود وسيلن کي اهڙي طرح استعمال ڪيو وڃي جنهن سان عوام جي ماهوار خرچن جو بار گهٽ ٿئي. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته جن پيٽرول پمپس جتي روزانو ڪجهه سو ٽوڪن استعمال ٿي رهيا آهن اتي اهو انگ هزارين تائين پهچي ۽ وڌيڪ شهري هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪن. هن  ٻڌايو ته سند وٽ هن وقت حتمي مجموعي انگ اکر موجود ناهن، پر لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطو موجود آهي. پيٽرول پمپن کي ادائيگن جو سائيڪل اٽڪل 24 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪنهن به مخصوص ادائيگي جي مسئلي جي صورت ۾، اسٽيٽ بينڪ، اوگرا ۽ پيٽروليم وزارت گڏيل رابطي سان ان کي حل ڪن ٿا. پيٽروليم واري وزارت موجب، 24 سيپٽمبر تائين ملڪ جي 10هزار کان وڌيڪ پيٽرول پمپن مان8 هزار 500 کان وڌيڪ کي ادائيگيون ٿي چڪيون هيون. هن چيو ته هن اسڪيم جو مقصد خاص ڪري شاگردن، مزدورن، نوڪري ڪندڙن ۽ روزه مره جي اچ وڃ لاءِ ِ موٽرسائيڪلون يا ننڍيون گاڏيون استعمال ڪندڙ شهرين کي سڌي ريت سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ماهوار ٻن کان ٽن هزار روپين جو رليف موجوده حالتن ۾ گهريلو بجيٽ لاءِ وڏي معنيٰ سهولت ثابت ٿي سگهي ٿو. مملڪتي وزير احتجاجي سياست بابت هڪ سوال جي جواب ۾،ٻڌايو  ته هڪ طرف جيڪڏهن وفاقي حڪومت شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف، خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي خلاف پوليس اهلڪار ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ سياسي ۽ انتظامي توانائي جو وڏو حصو پوليس کي وسيلن ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ، فرانزڪ سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو  مورال بلند ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ احتجاج ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان هن چيو ته ڪنهن به حڪومت جي خواهش ناهي هوندي ته شهر ۾ ڪنٽينر رکيا وڃن، رستا بند ٿين يا شهرين جي روزاني زندگي جو معمول متاثر ٿئي. جڏهن ته ماضي جي واقعن ۽  امن امان جي خدشن کي نظر ۾ رکندي رياست جي ذميواري آهي ته عوام، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن ۽ اهم اثاثن جو تحفظ يقيني بڻائي. هن چيو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي جو جمهوري حق آهي، جڏهن ته تشدد، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. حڪومت عوام جي تحفظ ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضرورت موجب حفاظتي قدم کڻندي. بلال اظهر ڪياني چيو ته اهو تاثر درست ناهي ته اسلام آباد مڪمل طور تي بند آهي. مان پاڻ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سيالڪوٽ، گجرات، جهلم، دينا ۽ سوهاوا مان ٿيندي اسلام آباد پهتو آهيان ۽ اچ وڃ جاري ڏٺي، جڏهن ته جتي امڪاني تشدد کان شهرين کي محفوظ رکڻ لاءِ احتياطي قدم ضروري هوندا اتي حڪومت اهڙا قدم کڻندي. هن چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام يا ڳالهين جي مرحلي ۾ رهيو آهي ۽ سياسي ۽ انتظامي چئلينجن باوجود، معاشي پروگرام تي ڪم جاري رکيو ويو. موجوده پروگرام جي حوالي سان، آءِ ايم ايف مئي 2026ع ۾ پاڪستان جو ٽيون جائزو مڪمل ڪيو  هو ۽ اٽڪل 1.1 ارب ڊالر جي فوري ادائيگي جي منظوري ڏني هئي. آءِ ايم ايف جي مطابق، ڊسمبر 2025ع جي پڄاڻي تي پاڪستان جا مجموعي  سرڪاري پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا هئا. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختيار ريٽنگ ۾ به بهتري آئي آهي. جولاءِ 2026ع ۾، ايس اينڊ پي گلوبل پاڪستان جي ڊگهي مدي جي ريٽنگ ۾ بهتري ڪئي هئي، جڏهن ته آئوٽ لُڪ کي مستحڪم رکيو هو. هن چيو ته سياسي ۽ ٻاهرين چئلينجن باوجود، حڪومت جو ڌيان معاشي استحڪام، مالياتي نظم و ضبط ۽ ٻاهرين شعبي کي مضبوط ڪرڻ تي رهيو آهي ۽ هاڻي ايندڙ هدف حاصل ٿيل استحڪام کي پائيدار اقتصادي اوسر ۾ تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن روزگار، روانگي واپار، سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي. مملڪتي وزير چيو ته معاشي استحڪام جو سفر به اڃا مڪمل نه ٿيو آهي،ان لاءِ ان تسلسل  سان اڳتي وڌندي اهڙو پائيدار اقتصادي ماحول جوڙڻ ضروري آهي جيڪو عام ماڻهو لاءِ روزگار، ڪاروبار ۽ آمدني جا بهتر موقعا پيدا ڪري. هن چيو ته حڪومت هڪ طرف مشڪل معاشي حالتن ۾ مستحق شهرين کي سڌي ريت پيٽرول رليف فراهم ڪري رهي آهي  ته ٻئي طرف دهشتگردي ۽ امن امان جي چئلينجن کي به منهن ڏئي رهي آهي، ان لاءِ موجود سياسي ۽ انتظامي توانائي عوام کي رليف ڏين، معيشت کي مضبوط بڻائڻ  ۽ رياستي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي خرچ ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں