لاڙڪاڻو-11 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن تي 21 رمضان المبارڪ /يوم شھادت علي عه جي موقعي تي ضلعي پوليس سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل هدايتن تي سمورا سب ڊويزنل پوليس آفيسر ۽ ايس ايڇ اوز ان حڪم تي عمل پيرا آهن. يوم علي عليه السلام جي موقعي تي حفاظتي انتظامن کي نظر …
لاڙڪاڻو ۾ 21 رمضان المبارڪ / مولا علي عه جي شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-11 مارچ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن تي 21 رمضان المبارڪ /يوم شھادت علي عه جي موقعي تي ضلعي پوليس سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل هدايتن تي سمورا سب ڊويزنل پوليس آفيسر ۽ ايس ايڇ اوز ان حڪم تي عمل پيرا آهن. يوم علي عليه السلام جي موقعي تي حفاظتي انتظامن کي نظر ۾ رکندي رهائشي هوٽلن، چانھه جي ھوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي. علائقي جي ايس ايڇ اوز داخلي ۽ خارجي رستن سميت ڪچي آبادي ۾ شڪي ماڻهن ۽ گاڏين جي تلاشي سان گڏوگڏ ڪاغذن جي تصديق جو عمل جاري رکيو آهي. سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن دوران تلاش ايپ ڊوائيسز جي مدد سان موقعي تي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق ضلعي ۾ خاص طور تي مرڪزي امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن وارن علائقن ۾ پوليس پيٽرولنگ ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس ۾ سمورن سيڪيورٽي معاملن کي سي سي ٽي وي ذريعي ڪنٽرول روم تان مانيٽر ڪيو پيو وڃي.











