رياض -11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان روس جي هم منصب سرگئي لاروف ۽ بحرين جي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سرڪاري خابرو اداري مطابق سعودي ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن رابطي دوران خطي جي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي استحڪام جي حوالي سان ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان روس ۽ بحرين جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، عالمي امن ۽ سلامتي جي استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ
رياض -11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان روس جي هم منصب سرگئي لاروف ۽ بحرين جي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سرڪاري خابرو اداري مطابق سعودي ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن رابطي دوران خطي جي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي استحڪام جي حوالي سان ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ بحرين جي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ۾ پُڻ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن ۽ سفارتي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون ويون.











