دبئي -11 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي رياست کي درپيش غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي هر قسم جي ڊرون جهازن جي آپريشن تي مڪمل پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اٿارٽي هڪ بيان ۾ چيو ته ملڪ جن غير معمولي حالتن مان گذري رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اسان هر قسم جي ڊرون …
گڏيل عرب امارات پاران ملڪي فضائي حدن ۾ ڊرون جهازن جي اڏامن تي مڪمل پابندي جو اعلان
دبئي -11 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي رياست کي درپيش غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي هر قسم جي ڊرون جهازن جي آپريشن تي مڪمل پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اٿارٽي هڪ بيان ۾ چيو ته ملڪ جن غير معمولي حالتن مان گذري رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اسان هر قسم جي ڊرون جهازن ۽ هلڪن راندين جي جهازن جي استعمال تي مڪمل پابندي جي تصديق ڪيون ٿا . اٿارٽي وڌيڪ اشارو ڪيو ته قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ان فيصلي جي تصديق ڪيون ٿا . اٿارٽي وڌيڪ اشارو ڪيو ته قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ان فيصلي جي پاسداري لازمي آهي ۽ اهو حتمي آهي . اها پابندي هڪ اهڙي وقت ۾ لڳائي وئي آهي جڏهن ايران طرفان ڪيترن ئي نار وارن ملڪن خلاف ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سلسلي بعد علائقائي ڇڪتاڻ عروج تي آهي جنهن ۾ ڪجهه اهم بنيادي ڍانچي ۽ تيل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي.











