فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جي نئين دؤر جي بنياد رکيو ويو: خرم شهزاد

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جي نئين دؤر جو بنياد رکيو ويو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي جي عمل جي باضابطه شروعات سان ڊجيٽل معيشت لاءِ اهم سنگ ميل قائم ٿيو آهي، اهي قدم ملڪ ۾ جديد ترين ڊجيٽل رابطا …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جي نئين دؤر جو بنياد رکيو ويو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي جي عمل جي باضابطه شروعات سان ڊجيٽل معيشت لاءِ اهم سنگ ميل قائم ٿيو آهي، اهي قدم ملڪ ۾ جديد ترين ڊجيٽل رابطا ڪاري طرف هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ان قدم سان سڄي پاڪستان ۾ جديد ترين ۽ تيز رفتار رابطا ڪاري جي نظام کي هٿي وٺرائڻ ۾ راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم ٽيڪنالاجيءَ سان نه صرف تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ممڪن ٿيندي پر ان سان ڊجيٽل بنيادي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ ۾ به مدد ملندي، انهن قدم سان مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ خدمتون، فن ٽيڪ، ريموٽ ورڪ، اسٽارٽ اپس ۽ ڊجيٽل روانگي واپار جهڙن شعبن ۾ نيون معاشي سرگرميون ۽ موقعا پيدا ٿيندا. خرم شهزاد چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جا 200 ملين کان وڌيڪ صارفين موجود آهن، جن مان 150 ملين کان وڌيڪ براڊ بينڊ صارفين آهن، وسيع صارفين جي موجودگيءَ سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي ته پاڪستان پنهنجي ڊجيٽل تبديليءَ جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي سان حقيقت ۾ پاڪستان ڊجيٽل مستقبل جا دراوزا کولي ڇڏيا آهن جنهن سان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي ڊجيٽل منظرنامي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں