اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل سروسز (اين جي ايم ايس)/فائيو جي لاءِ اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، جيڪو ملڪ جي ڊجيٽل سفر ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. افتتاحي تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي …
پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل طرف اهم اڳڀرائي، 5- جي اسپيڪٽرم جي تاريخي نيلاميءَ جو عمل مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل سروسز (اين جي ايم ايس)/فائيو جي لاءِ اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، جيڪو ملڪ جي ڊجيٽل سفر ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. افتتاحي تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، قومي اسيمبليءَ جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ ٽيلي ڪام سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ان موقعي تي پاڪستان جي مستقبل لاءِ 5- جي، جي معاشي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اها ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت جي حوالي سان بنيادي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبي جي ترقي لاءِ اثرائتي پاليسين جي مڪمل حمايت جاري رکندي ته جيئن پاڪستان عالمي سطح تي ڊجيٽل معيشت ۾ اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌي سگهي. تقريب کي خطاب ڪندي شزه فاطمه خواجه چيو ته حڪومت شعبي جي جٽدار ترقيءَ کي نظر ۾ رکندي 5- جي پاليسي مرتب ڪئي آهي. هن واضح ڪيو ته نيلاميءَ جو مقصد فقط وڌ کان وڌ ۽ فوري آمدني کي حاصل ڪرڻ ناهي پر ٽيلي ڪام آپريٽرن کي نيٽ ورڪ جي واڌ ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪريءَ جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سڄي ملڪ جي صارفين کي جديد، معياري ۽ تيز رفتار ڊجيٽل خدمتون ميسر اچي سگهن. هن چيو ته فائيو جي جي ڪامياب نيلاميءَ تي پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي، ان نيلاميءَ ۾ 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرمز جي نيلامي ڪئي وئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ نيلاميءَ جي عمل کي سڌيءَ ريت نشر ڪيو ويو، اهو ملڪي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پهرين اسان وٽ 274 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم هو، ان نيلاميءَ سان ٿري جي ۽ فور جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته ان عمل سان پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جتي فائيو جي دستياب هوندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جي سمورن ميمبرن جا ٿورائتا آهيون، اسپيڪٽرم جي دستيابي کي يقيني بنائڻ تي مختلف ادارن جي به ٿورائتي آهيان. پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پي ٽي اي نيلاميءَ جي شفاف ۽ چٽاڀيٽي عمل ذريعي جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پُرعزم آهي، جنهن جي نتيجي ۾ صارفين کي بهتر ۽ اثرائتي ڊجيٽل سهولتون ميسر ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اداري طرفان صارف دوست قدم کنيا ويا آهن جن ۾ رائٽ آف ود چارجز کي ٻُڙي ڪرڻ به شامل آهي ته جيئن نيٽ ورڪ جي تيز رفتار واڌ کي ممڪن بنائي سگهجي ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز کي پيش ايندڙ رڪاوٽن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. واضح رهي ته 5- جي (اين جي ايم ايس) اسپيڪٽرم جي نيلامي پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي جي عالمي منظرنامي ۾ نمايان مقام طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پي ٽي اي ان ڳالهه لاءِ پُرعزم آهي ته ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني وڃي، ڊجيٽل شموليت جي دائره ڪار ۾ واڌ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبي جي پائيدار ۽ جامع ترقيءَ کي يقيني بنايو وڃي. هن چيو ته اسپيڪٽرم جي ايلوڪيشن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو. واضح رهي ته نيلامي ۾ 3 ٽيلي ڪام ڪمپنين حصو ورتو، جن ان عمل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. پي ٽي اي ملڪ ۾ فائيو جي سروسز متعارف ڪرائڻ جي منصوبي تحت واڪ لاءِ تقريبن 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي آڇ ڪئي هئي. پاڪستان ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو. ڊائريڪٽر جنرل لائسنسگ مطابق پهرين مرحلي ۾ 2600 ميگا هرٽز بينڊ ۾ ڪل 190 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم واڪ لاءِ پيش ڪيو ويو ته جيئن طلب رسد کان چڙهي وئي، 110 ميگا هرٽز جي اضافي طلب رڪارڊ ڪئي وئي. وڌيڪ گهرج سبب نيلاميءَ جي ٻئي مرحلي لاءِ اسپيڪٽرم جي قيمت ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڊي جي لائسنسنگ وڌيڪ چيو ته 3.5 گيگا هرٽز بينڊ، تقريبن 280 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم، پهرين مرحلي دوران دستياب ڪرايو ويو هو جڏهن ته ڊيمانڊ 200 ميگا هرٽز تائين پهچي وئي آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي پي ٽي اي چيئرمين ڪامياب واڪ ڏيندڙن جي نالن جو اعلان ڪيو.











