قومي اسيمبلي اسلام آباد ۾ رفاحي ادارن جي رجسٽريشن ۽ سھولت ڪاري جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ رفاحي ادارن جي رجسٽريشن، انضباط ۽ سھولت ڪاري جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ پ ميمبر شھلا رضا گادي واري شھر اسلام آباد ۾ رفاحي ادارن جي رجسٽريشن، انضباط ۽ سھولت ڪاري جو ترميمي بل 2025ع سينيٽ مان منظور ٿيڻ صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ رفاحي ادارن جي رجسٽريشن، انضباط ۽ سھولت ڪاري جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ پ ميمبر شھلا رضا گادي واري شھر اسلام آباد ۾ رفاحي ادارن جي رجسٽريشن، انضباط ۽ سھولت ڪاري جو ترميمي بل 2025ع سينيٽ مان منظور ٿيڻ صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گھري، جنھن جي پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مخالفت نھ ڪئي، عاليه ڪامران بل ڪميٽي کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي، ان کان پوءِ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني.

مزید خبریں