ٺل پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون، ڦر دوران مزاحمت تي نوجوانن کي زخمي ڪندڙ ٻه جوابدار گرفتار،ٻه بنا لائسنس پستول ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ

لاڙڪاڻو-10 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ ٺل پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون ڪندي ڦر دوران مزاحمت تي نوجوانن کي زخمي ڪندڙ ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻه بنا لائسنس پستول ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي فوري طور تي جوابدارن کي ڳولي ۽ گرفتار ڪرڻ جا حڪم …

لاڙڪاڻو-10 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ ٺل پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون ڪندي ڦر دوران مزاحمت تي نوجوانن کي زخمي ڪندڙ ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻه بنا لائسنس پستول ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي فوري طور تي جوابدارن کي ڳولي ۽ گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، شهرين پاران جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ تي ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي ۽ انهن جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ پوليس جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي.گذريل رات ڪنڌڪوٽ روڊ زوهيب خان پلاٽنگ جي ويجهو ھٿياربند جوابدار سرڪي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نوجوانن فراز احمد سرڪي ۽ عزير احمد سرڪي کان موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي جوابدرن طرفان تشدد سبب ٻئي نوجوان زخمي ٿيا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي موقعي تي پھچي ۽ ثبوت گڏ ڪندي خوجي ڪتن جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا جو عمل شروع ڪيو. پوليس جي مؤثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار بشير احمد ڀٽي ۽ منظور احمد ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ٻه ٽي ٽي پستول پڻ ھٿ ڪيا ويا.