سعودي عرب جي دفاع واري وزير سان فرانسيسي ۽ سويڊش هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطا، موجوده صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ

رياض-10 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير خالد بن سلمان سان فرانس جي هٿياربند فوج جي وزير ڪيٿرين واوٽرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران علائقائي صورتحال ۽ ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيڪي جاري ڇڪتاڻ سبب خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي درپيش آهن. سويڊن جي دفاع واري وزير پول جونسن سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ خطي …

رياض-10 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير خالد بن سلمان سان فرانس جي هٿياربند فوج جي وزير ڪيٿرين واوٽرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران علائقائي صورتحال ۽ ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيڪي جاري ڇڪتاڻ سبب خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي درپيش آهن. سويڊن جي دفاع واري وزير پول جونسن سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ خطي جي صورتحال، عالمي امن ۽ سلامتي تي ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.