آمريڪا جي اهم سفارتي اهلڪارن ۽ شهرين کي ترڪيه ڇڏڻ جي هدايت

انقره-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا پنهنجن اهم سفارتي اهلڪارن ۽ شهرين کي ترڪيه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه ۾ آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته آمريڪي شهري ترڪيه مان جيترو جلدي ممڪن هجي نڪري وڃن ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته ترڪيه جي شهر ادانا ويجهو نيٽو جي فوجي اڏن تي پهچن. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف 28 فيبروري کان جاري جنگ سبب سموري خطي ۾ …

انقره-10 مارچ (اي پي پي) آمريڪا پنهنجن اهم سفارتي اهلڪارن ۽ شهرين کي ترڪيه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه ۾ آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته آمريڪي شهري ترڪيه مان جيترو جلدي ممڪن هجي نڪري وڃن ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته ترڪيه جي شهر ادانا ويجهو نيٽو جي فوجي اڏن تي پهچن. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف 28 فيبروري کان جاري جنگ سبب سموري خطي ۾ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي آهي.