سيبس يونيورسٽي ڄامشوري پاران پاڪستاني فوج جي حمايت ۾ ريلي

ڄامشورو- 09 مارچ (اي پي پي) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو پاران پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي ۾ شاگردن، استادن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ ملازمن يونيورسٽي ڪيمپس اندر بينر، قومي جهنڊا ۽ …

ڄامشورو- 09 مارچ (اي پي پي) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو پاران پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي ۾ شاگردن، استادن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ ملازمن يونيورسٽي ڪيمپس اندر بينر، قومي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي مارچ ڪيو ۽ پاڪستان آرمي، پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪستان نيوي جي حق ۾ نعرا هنيا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ هٿياربند فوجن طرفان ڏنل قربانين ۽ خدمتن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون هميشه ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ انهن جي بي مثال قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن تي اها اهم ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو نئين نسل ۾ حب الوطني ۽ قومي يڪجهتي جو جذبو پيدا ڪن. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ کي وقف ڪن ۽ هميشه انهن ادارن جي عزت ۽ حمايت ڪن جيڪي ملڪ جي دفاع جا ذميوار آهن. ريلي جي پڄاڻي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سلامتي، طاقت ۽ ڪاميابي سان گڏ ملڪ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائن سان ڪئي وئي.