صوبي ۾ نوان ضلعا قائم ڪرڻ اڻٽر آهن، پيپلز گرين بس سروس ڪيچ جي عوام لاءِ تحفو آهي: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئٽا -09 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز  بگٽي پنهنجي تربت جي دوري دوران نئين ضلعي تمپ جي قيام جو نوٽيفڪيشن باقاعده طور تي توانائي بابت صوبائي پارلياماني سيڪريٽري مير اصغر رند جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته تمپ ضلعي جو قيام علائقي ۾ انتظامي نظام کي اثرائتو بڻائڻ، ترقياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ عوام کي حڪومتي سهولتون سندن چانئٺ تائين پهچائڻ …

ڪوئٽا -09 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز  بگٽي پنهنجي تربت جي دوري دوران نئين ضلعي تمپ جي قيام جو نوٽيفڪيشن باقاعده طور تي توانائي بابت صوبائي پارلياماني سيڪريٽري مير اصغر رند جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته تمپ ضلعي جو قيام علائقي ۾ انتظامي نظام کي اثرائتو بڻائڻ، ترقياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ عوام کي حڪومتي سهولتون سندن چانئٺ تائين پهچائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي. هن چيو ته صوبائي حڪومت بلوچستان جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ اتان جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم جاري رکيا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بلوچستان حڪومت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. جڏهن ته پيپلز گرين بس سروس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هِن چيو ته موجوده حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙي رهي آهي، جن ذريعي نوجوانن جو رياست ۽ رياستي ادارن تي اعتماد بحال ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 3200 بند اسڪول ٻيهر فعال ٿي چڪا آهن جڏهن ته استادن جي ڀرتي مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي ته جيئن تعليمي نظام کي اثرائتو مضبوط بڻائي سگهجي.